بيجنگ-30 آڪٽوبر (اي پي پي) چين 30 آڪٽوبر تي انسان بردار خلائي مشن کي پنهنجي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٽن چيني خلابازن جن ۾ هڪ عورت به شامل آهي، کي گذريل ڏينهن صبح جو تيانگونگ خلائي اسٽيشن لاءِ روانو ڪيو ويو. سرڪاري خابرو ايجنسي ۽ سرڪاري نشرياتي اداري مطابق شينزو-19 خلائي اسٽيشن لاءِ روانو ڪيو ويو. هن چيو ته مدار ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ انسان بردار خلائي مشن 6.5 ڪلاڪن ۾ خلائي اسٽيشن کي ڪور ماڊيول تيان سان ڳنڍجي ويندو. چائنا مينڊ اسپيس ايجنسي موجب شينزو 19 جي عملي ۾ 34 سالن جي وانگ هاز به شامل آهي جيڪا چين جي واحد عورت خلائي انجنيئر آه?? هوءَ عملي جي مشن ۾ حصو وٺندڙ ٽين چيني عورت آهي. س?? سي ٽي وي ٻڌايو ته خلائي عملي جي مشن ۾ چنڊ جي ??ٽي مان سرون تيار ڪرڻ جو تجربو به شامل هوندو، خلا ۾ مواد جي چر پر تي وڌيڪ لاڳت سبب چيني سائنسدانن کي اميد آهي ته هو چنڊ جي ??ٽي کي مستقبل ۾ بيس (اڏ??) جي تعمير لاءِ استعمال ڪري سگهندا. تيانگونگ جنهن جو بنياد ماڊيول 2021ع ۾ شروع ڪيو ويو هو، اٽڪل 10 سال ??ائ??ن استعمال ڪرڻ جو منصوبو آهي. ياد رهي ته شينزو 19 چين جي انسان بردار خلائي پروگرام جو 33هون فلائيٽ مشن آهي.
چين پاران انسان بردار خلائي مشن پنهنجي خلائي اسٽيشن ڏانهن روانو
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن