نيويارڪ _15 آڪٽوبر (اي پي پي )آمريڪي نائب ??در ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار ڪ??لا هيرس اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزه ۾ ضرورت مندن لا??ِ انساني امداد تائين رسائي کي آسان بڻائڻ لا??ِ وڌيڪ قدم کڻي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪ??لا هيرس ايڪس تي جاري پوسٽ ۾ لکيو آهي ته گڏيل قومن اطلاع ڏنو آهي ته اٽڪل ٻن هفتن کان غزه جي اتر پاسي جي علائقن ۾ خوراڪ جي بلڪل فراهمي ناهي ٿي. ان ڪري اسرائيل کي فوري طورتي ضرورت مندن لا??ِ امداد جي فراهمي کي آسان بڻائڻ لا??ِ وڌيڪ قدم کڻڻ گهرجن. خطي ۾ شهرين جي تحفظ، خوراڪ، پاڻي ۽ طبي خدمتن تائين رسائي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت طرف اشارو ڪندي ڪ??لا هيرس عالمي انساني حقن جو احترام ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو آهي . گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام طرفان 12 آڪٽوبر تي شايع ٿيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ه?? ته غزه جي اتر طرف ويندڙ سموريون گذرگاهون بند ڪري ڇڏيون آهن ۽ پهرين آڪٽوبر بعد علائقي ۾ ڪا خوراڪ داخل ناهي ٿي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته غزه جي اتر پاسي خوراڪ جي ورڇ وارن هنڌن، تندورون ۽ بيڪرين کي فضائي حملن ۽ واپسي جي حڪمن جهڙن عملن سبب بند ڪرڻو پيو آهي.
اسرائيل غزه کي انساني امداد جي فراهمي آسان بڻائڻ لاءِ قدم کڻي: ڪملا هيرس
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ