گڏيل قومون-14 ڊسمبر (اي پي پي) گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪندي سمورن رياستن تي زور ڀريو آهي ته هو حملي ?? ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۾ پاڪستان سان سهڪار ڪن. گڏ??ل قومن جي 15رڪني سلامتي ڪائونسل جي صدر جوز ڊي لاگا سڪا طرفان جاري پريس رليز موجب سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن متاثرن جي وارثن ۽ حڪومت پاڪستان سان گهري همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بيان ۾ چيو و??و ته سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان عزم جو ورجاءُ ڪ??و ته دهشتگردي پنهنجي سمورين شڪلن ۾ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرن مان هڪ آهي، سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالهه تي زور ڀر??و ته دهشتگردي جي ان قابل مذمت ڪاررواين جي مرتڪب ماڻهن، منتظيمن، مالي مدد ڪندڙن ۽ سرپرستي ڪندڙن کي جوابده بڻائڻ ۽ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۽ ان سلسلي ?? حڪومت پاڪستان سان گڏ ٻين سمورن لاڳاپيل عملدارن سان فعال سهڪار ڪرڻ ??ي ضرروت آهي.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی