رياض-15 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب مان ننڍو جهاز غزه لاءِ امدادي سامان کڻي مصر جي العريش ايئر پورٽ پهچي ويو آهي، ميڊيا رپورٽن موجب عريش مان اهو سامان ٽرڪن ذريعي غزه منتقل ڪيو ويندو، جهازن ذريعي کائڻ پيئڻ جون شيون ۽ عارضي پناه گاهن لاءِ ضروري گهربل سامان موڪليو ويو آهي، واضع رهي ته گذريل پنجن جهازن وانگر ڇهون جهاز پڻ 35 ٽن سامان تي مشتمل آهي، هوائي جهاز ذ??يعي امدادي سام??ن جي ترسيل خادم حرمين شريفين سلمان ۽ ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پاران غزه ۾ فلسطيني ڀائرن جي مدد لاءِ عوام عطئين واري مهم جو حصو آهي. ٻ??ي پاسي شاه سلمان مرڪز فلسطيني پناه گيرن جي روزگاز ۽ مدد لاءِ قائم گڏيل قومن جي ايجنسي يو اين آر ڊبليو اي جي درخواست تي فلسطينين جا انساني مسئلا هنگامي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ 15 ملين ڊالر ??مداد فرا??م ڪئي آهي.
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری