ابوظهبي_12 جولاءِ(اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي ??وائي ڪمپني اميرٽس نار ملڪن لاءِ چارٽرڊ سروس جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ميڊيا رپورٽن موجب ايمرٽس جي ان چارٽرڊ سروس سان ??عودي عرب، بحرين، ڪويت،عمان ۽ گڏيل عرب امارتن جي ??ختلف شهرن لاءِ سفر ڪري سگهبو. دبئي جي آل مڪتوم انٽرنيشنل ايئر پورٽ تان نار سهڪار ڪونسل جي ??يمبر ملڪن جي سفر لاءِ وينم 100 ساخت جا جهاز ڀاڙي تي حاصل ڪري سگهبا. انهن ٻن اانجڻين وارن جديد جهازن جن ۾ چئن مسافرن جي سفر جي گنجائش آهي ۾ مسافرن کي اڏام دوران کائڻ پيئڻ جون شيون پڻ ڏنيون وينديون، ان ??روس شروع ڪرڻ مقصد اهڙن ماڻهن کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي جيڪي وڌيڪ مصروف رهندا آهن ۽ آزاد طريقي سان ??فر ڪرڻ چاهيندا آهن. ايمرٽس جو چوڻ آهي ته چارٽرڊ سروس ذريعي سفر ڪندڙن کي دبئي ايئر پورٽ اچڻ، ڪسٽم ۽ اميگريشن ۾ وي آءِ پي سهولت فراهم ڪئي ويندي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ