اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گهريلوصارفين کي گئس سپلاءِ ۾ گهٽتائي جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي آهي ته ??رديءَ جي موسم ۾ گهريلو صارفين کي گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي، سسٽم جي ساخت ۾ سڌارا آندا وڃن ته ??يئن ان مسئلي کي مستقل طور تي حل ڪري سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ گئس جي سپلاءِ جي حوالي سا?? جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم گهريلو صارفين کي گئس جي سپلاءِ ۾ گهٽتائي جي شڪايتن تي نوٽيس وٺندي يچو ته ??رديءَ جي موسم ۾ گهريلو صارفين کي گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي فوري طور تي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم سسٽم جي ساخت ۾ سڌارا آڻڻ جي هدايت ڪئي ته ??يئن ان مسئلي کي مستقل طور تي حل ڪري سگهجي، گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم کي ان موقعي تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ??سٽم ۾ سرپلس آر ايل اين جي موجود آهي جنهن جي ڪري گئس ل??ڊ مئنيجمينٽ ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بهتري آئي آهي، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال گئس ل??ڊ شيڊنگ جو وقت گهٽ آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گهريلو صارفين کي صبح 5 وڳي کان رات 10 وڳي تائين گئس فراهم ڪئي پئي وڃي، پاور سيڪٽر کي پڻ گئس ڊيمانڊ موجب ڏني پئي وڃي، صارفين جي شڪايتن جي حوالي سان ايس اين جي پي ايل ۽ ايس ايس جي سي جا آن لائين ڊيش بورڊز ڪم ڪري رهيا آهن. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ??يس اين جي پي ايل جي شڪايتن کي حل ڪرڻ جي شرح 93 سيڪڙو جڏهن ته ??يس ايس جي سي جي شرح 79 سيڪڙو آهي، ملڪ جون سموريون گئس فيلڊز فعال آهن. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽرولي?? واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم گئس سپلاءِ ۾ گهٽتائي جي شڪايتن جو نوٽيس ورتو، گهريلو صارفين کي گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ