باڪو – 12 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه چيڪ جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي باڪو ۾ عالمي اڳواڻ?? جي ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس جي موقعي تي جمهوريه چيڪ جي وزيراعظم پيٽر فيالا سان ملاقات ٿي. ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ جمهوريه چيڪ جي وچ ۾ پراڻي لاڳاپن جو ذڪر ڪيو جيڪي ٻطرفي ۽ گهڻ رخي شعبن تي ٻڌل آهن. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي موقعن خاص طور تي اقتصادي ترقي ۽ گڏيل علائقائي ۽ عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ جمهوريه چيڪ جي اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي اهمي?? تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستا?? جي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ ۽ وچ ايشيا جي گيٽ وي جي طور تي صلاحي?? تي پڻ روشني وڌي، چيڪ ڪمپنين کي پاڪستان ۾ توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي سلامتي ۽ پائي??ار ترقي جه??ن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مستقل ڪوشش?? جي ضرور?? تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي تازي دور جي اهم ت??ين مسئلن مان هڪ آهي جنه?? جي لاءِ گڏيل عالمي قدم?? جي ضرورت آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ هجڻ جي باوجود ماحولياتي استحڪام ۽ موسمياتي اثرن کان بچاءُ جي قدم?? جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ، گ??ين انرجي کي فروغ ڏيڻ ۽ پائي??ار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جمهوريه چيڪ سميت عالمي حصيدارن سان تعاون ضروري آهي.
وزيراعظم پاران جمهوريه چيڪ جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ مينوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي دعوت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو