اسلام آباد-31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوان جي توانائين کي مثبت رخ ۾ ڪتب آڻڻ لاءِ راندين جا موقعا فراهم ڪري رهيا آهن، پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان ملڪ جي روشن مستقبل جا ضامن آهن، نوجوان راندين جي ميدان ۾ ملڪ ۽ قوم جو ??الو روشن ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم سان ڊيره اسماعيل خان سان تعلق رکندڙ ۽ ويجهڙ ۾ گينز بڪ آف ورلڊ جو رڪارڊ قائم ڪندڙ پنج سالن جي سفيان مح??ود ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سفيان مح??ود ننڍي عمر ۾ گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ٺاهي پاڪستان ۽ پنهنجي والدين جو ??الو روشن ڪيو. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد ۽ لاڳاپيل عملدارن کي نوجوانن کي راندين جون وڌيڪ سرگرميون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته نوجوانن جي توانائين کي ڪتب آڻڻ لاءِ راندين جا موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان جا باصلاحيت نوجوان ملڪ جي روشن مستقبل جا ضامن آهن، نوجوان راندين جي ميدان ۾ ملڪ ۽ قوم جو ??الو روشن ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي سفيان مح??ود چيو ته مستقبل ۾ سائنسدان بڻجي پاڪستان جو ??الو روشن ڪندس، وزيراعظم سفيان مح??ود سان سندس مادري ٻولي پشتو ۾ ڳالهايو. وزيراعظم سفيان مح??ود جي والد عرفان مح??ود سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪو 100 کان وڌيڪ گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ هولڊر آهي. مارشل آرٽس ۾ مهارت رکي ٿو ۽ ڊيره اسماعيل خان ۾ ان حوالي سان ت??بي??ي اڪيڊمي هلائي رهيو آهي. سفيان مح??ود جي والد عرفان مح??ود وزيراعظم کي ڊيره اسماعيل خان ۾ راندين ۽ جسماني ت??بي?? جي پنهنجي اڪيڊمي ۽ ان جي ت??بي?? يافته رانديگرن جي ڪاميابين جي حوالي سان آگاهه. وزيراعظم يوٿ پروگرام کي سفيان مح??ود جي والد جي ڊيره اسماعيل خان ۾ راندين جي اڪيڊمي سان حصيداري جي هدايت ڪندي چيو ته يوٿ پروگرام سڄي ملڪ ۾ مختلف راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کنيا آهن. ملاقات ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطا تارڙ، آءِ ٽي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، راڻا مشهود احمد ۽ رومينه خورشيد عالم ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار به شريڪ هئا.
وزيراعظم سان گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ قائم ڪندڙ پنجن سالن جي سفيان محسود جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس