اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ??هي ته پا??ستان زراعت جي شعبي ۾ چين جي ڪاميابي مان فا??دو کڻڻ جو خواهشمند آهي، گوادر فري زون ۾ بنيادي سهولتن جي بنا تعطل فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن چيئرمين زهانگ بن جي قيادت ۾ چيني ڪمپني هينگينگ ٽريڊنگ ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ??ه پا??ستان ۾ چيني سيڙپڪاري کي ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ??ه منهنجي چين جي تازي دوري دوران پا??ستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ وڏي پئماني تي بزنس ٽو بزنس معاهدا طئي ٿيا جيڪا انتهائي خوش آئنده ڳالهه آهي. هن چيو ??ه پا??ستان زراعت جي شعبي ۾ چين جي ڪاميابي مان فا??دو کڻڻ چاهي ٿو. وزيراعظم گوادر پورٽ اٿارٽي کي چيني ڪمپنين کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ ۽ گوادر فري زون ۾ يوٽيلٽيز جي بنا تعطل فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وفد وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ??ه هينگينگ ٽريڊنگ ڪمپني پا??ستان ۾ زراعت، لائيو ??سٽاڪ، دوائن ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي، هينگينگ ٽريڊنگ ڪمپني 50 ملين ڊالر جي لاڳت سان گوادر ۾ جديد سهولتن سان ليس ڪوس گهر (سلاٽر هائوس) تعمير ڪري رهي آهي، ڪوس گهر جي تڪميل سان پا??ستان جي لائيو ??سٽاڪ جي شعبي سان چين کي 30 ملين آمريڪي ڊالر تائين ساليانو جي برآمدات ٿيندي، ڪوس گهر ۾ ??قا??ي ماڻهن جي لاءِ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ نئين نوڪرين جا ??وقعا پيدا ٿيندا. بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ??ه هينگينگ ٽريڊ ڪمپني فارماسيوٽيڪل مصنوعات کي گوادر فري زون ۾ پراسيس ڪري چين کي برآمد ڪري رهي آهي. ان موقعي تي اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، ناڻي وارو مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.
پاڪستان زراعت جي شعبي ۾ چين جي ڪاميابي مان فائدو کڻڻ جو خواهشمند آهي، گوادر فري زون ۾ بنيادي سهولتن جي بنا تعطل فراهمي يقيني بڻائي وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : رومن دولت