اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙپ??ار?? ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ترڪمانستان جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپ??ار?? جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ترڪمانستان جي ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين ۽ پرڏ??هي وزير راشد ميريدوف وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ترڪمانستان جي عظيم اڳواڻ قربان گلي بردي محمدوف سان هن مهيني جي ش??وع ۾ آستانه ۾ ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته هو سندس پاڪستان ۾ استقبال ڪرڻ جو منتظر آهي. وزيراعظم ٻنهي پرڏ??هي وزيرن جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي ٽئين دور جي انعقاد تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي ادارن جي ان عمل ۾ باقاعده شموليت جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙپ??ار?? ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ترڪمان ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپ??ار?? جي دعوت ڏني. وزيراعظم غيرملڪي سيڙپ??ار?? کي مختلف شعبن ۾ سيڙپ??ار?? ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ خصوصي سيڙپ??ار?? سهولت ڪائونسل جي خصوصي ڪردار تي روشني وڌي. هن علائقائي تعاون ۽ رابطي جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ تاپي گئس پائيپ لائين ۽ ٻين منصوبن جي جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
وزيراعظم پاران ترڪمانستان جي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی