اسلام آباد – 24 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گيٽس فائون??يش?? جي چيئرمين بل گيٽس نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر (اين اي او سي) جو دورو ڪيو. وزيراعظم ۽ چيئرمين گيٽس فائون??يش?? اين اي او سي ج?? مختلف حصن جو دورو ڪيو جتي ماهرن کين اداري ج?? آپريشنز بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نيشنل ڊيزاسٽر مئن??جم??نٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين لفيٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ شرڪت ڪندڙن کي اين ڊي ايم اي ۽ اين اي او سي بابت هڪ جامع بريفنگ ڏني ج??هن ۾ قدرتي آفتن ۽ انساني سرگرمين جي ڪري پيدا ٿيندڙ واقعن سميت ڪنهن به آفت جي اڳڪٿي ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڳ ۽ بعد جا عمل شامل آهن. چيئرمين گيٽس فائون??يش?? اين اي او سي ۾ جديد ترين سهولتن کي ساراهيو ۽ آفتن جي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي کي تيز ڪرڻ جي لاءِ انهن جي اڳڪٿين جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان اهم شعبي کي ترجيح ڏيڻ جي لاءِ موجوده حڪومت جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. ان کانپوءِ وزيراعظم، چيئرمين گيٽس فائون??يش??، اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، انٽر پرينيورز، موسمياتي تبديلي ج?? ڪارڪنن ۽ ماهرن هڪ انٽريڪٽو اجلاس ۾ پڻ حصو ورتو. اجلاس ۾ صحت، غذائي تحفظ، صنفي توازن، ب??مارين جي روڪٿام، موسمياتي تبديلي، ڊيزاسٽر مئن??جم??نٽ، موسم سان ٺهڪندڙ زراعت ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن جي حوالي سان جديد قدمن ۽ خصوصي طور تي پاڪستان جي ماحول موجب تيار حل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات گيٽس فائون??يش?? ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل تعاون سان مسئلن جي حل جي لاءِ تعاون جي پختي عزم سان پڄاڻي تي پهتي. وزيراعظم محمد شهباز شريف گيٽس فائون??يش?? جي چيئرمين بل گيٽس جا ٿورا مڃيا ته هو پاڪستان جي ڪيترن ئي شعبن ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ج??هن سان عام ماڻهو کي فائدو پهچندو.
وزيراعظم ۽ گيٽس فائونڊيشن جي چيئرمين بل گيٽس پاران اين اي او سي جو دورو
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná