اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي ?? گهٽتائي کي عوام جي لاءِ سٺي خبر قرار ڏيندي هدايت ڪئي آهي ت?? صوبائي حڪومتون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ?? کاڌي پيتي جي شين جي سرڪ??ري اگهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف مهانگائي ?? گهٽتائي کي عوام جي لاءِ سٺي خبر قرار ڏنو. هن چيو ته ٻن سالن ۾ مهانگائي جو گهٽ ت??ين سطح تي اچڻ معاشي بهترين جا آثار آهن، مهانگائي جي شرح 39 سيڪڙو کان اڳ 20 سيڪڙو ۽ هاڻي 17 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، 16 مهينن ۾ جيڪا محنت نگران حڪومت ڪئي ان کي ج??ري رکيو، هي انهي جا ثمر آهن، مهانگائي ?? گهٽتائي اولين هدف آهي، الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان معاشي سرگرمين ۾ تيزي سان عوام کي وڌيڪ ريليف ملندو، پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي سان به عوام کي ريليف ملندو، عالمي منڊيءَ ۾ تيل جون قيمتون هيٺ آيون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ت?? صوبائي حڪومتون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ?? کاڌي پيتي جي شين جي سرڪ??ري اگهن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل سان انهي رخ ۾ هلڻ سان عوام جي زندگين ۾ وڌيڪ بهتري ايندي، پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته عوام کي جلد کان جلد وڌ کان وڌ ريليف ملي سگهي.
وزيراعظم پاران مهانگائي ۾ گهٽتائي عوام جي لاءِ سٺي خبر قرار
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری