اسلام آباد – 21 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني ??عاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ناليواري صحافي، ايڊيٽر ۽ ڪالم نگار نذير ناجي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تع??يتي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني ??عاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نذير ناجي ڏاهو صحافي ۽ تجزيه نگار هو، ه?? پنهنجي پوري زندگي صحافت ۽ م??ڪ جي خدمت جي لاءِ وقف ڪئي، نذير ناجي جا ڪالم ۽ تجزيا سدائين معلوماتي ۽ بصيرت وارا هوندا هئا. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نذير ناجي پنهنجي ڪم جي ذريعي معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، نذير ناجي مرحوم جي لاڏاڻي سان صحافت جي دنيا ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي، اهو ڪڏهن به پورو نه ٿي سگهندو. اطلاعات ۽ پارلياماني ??عاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نذير ناجي جي گهرڀاتين ۽ دوستن سان تع??يت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تع??ليٰ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاران ناليواري صحافي، ايڊيٽر ۽ ڪالم نگار نذير ناجي جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کڑک