اسلام آباد – 26 – جنوري (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ملا??ات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ايوان صدر ۾ صدر ۽ گلگت بلتستان جي گورنر جي وچ ۾ ٿيندڙ ملا??ات ۾ گلگت بلتستان جي مجموعي صورتحال، ڪڻڪ سبسڊي، بلتستان يونيورسٽي ۽ اسڪردو جا مسئلا غور هيٺ آيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کيس باور ڪر??يو ته ڪڻڪ سبسڊي معاملي تي هن نگران وزيراعظم ۽ ناڻي واري نگران وفاقي وزير سان ڳالهه ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته گلگت بلتستان جي ٻين مسئلن سميت ڪڻڪ سبسڊي جو معاملو پڻ حل ڪيو ويندو. صدر چيو ته نگران وزيراعظم گلگت بلتستان ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن سان ڪڻڪ سبسڊي معاملي تي ملا??ات جي لاءِ اتفاق ڪيو آهي. واضح رهي ته گلگت بلتستان ڪائونسل جي وفد گذريل ڏينهن علائقي جي مسئلن ۽ سبسڊي جي معاملي تي صدر سان ملا??ات ڪئي هئي. صدر وفد کي گلگت بلتستان جي مسئلن تي لاڳاپيل فورمز سان ڳالهه ڪرڻ جي خاطري ڪر??ئي هئي.
صدر سان گلگت بلتستان جي گورنر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ