بيجنگ-19 آڪٽوبر (اي پي پي) چيني صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين ۽ روس وچ ۾ توانائي جي شعبي ۾ تعاون عملي تعاون جو نمونو آهي. چيني خابرو اداري موجب صدر شي جن پنگ پنجين چين روس انرجي بزنس فورم کي موڪلي?? پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته چين ۽ روس وچ ۾ توانائي تعاون برابري، گڏيل فائدي ۽ عملي تعاون جو نمونو آهي ۽ ان ٻنهي ملڪن ۽ ايستائين جو دنيا ۾ توانائي جي سلامتي ۽ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته مستقبل لاءِ چين اعليٰ معيار جي توانائي جي شراڪتداري قائم ڪرڻ ۽ عالمي توانائي مارڪيٽ جي ڊگهي مدي، صحتمند، مستحڪم ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ ۽ عال??ي شفاف توانائي شراڪتداري جي تعمير کي هٿي ڏيڻ لاءِ روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. روسي صدر والاديمير پيوٽ?? به پنجين چين روس انرجي بزنس فورم کي مبارڪن وارو خط موڪليو آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا