اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوهلو ۾ دهشتگردن جي خلاف آپ??يشن ۾ پاڪ فوج جي آفيسرن ميجر جواد ۽ ڪيپٽن صغير جي شهادت تي ??هر?? ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد امن جي لاءِ اسان جي ڪوششن کي سبوتاز نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظها?? ڪيو. هن چيو ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڪڌن مقصدن جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ آهن، دهشتگرد امن جي لاءِ اسان جي ڪوششن کي سبوتاز نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف ويڙهه ۾ شهيد ٿيندڙن ک?? و??ي قوم سلام پيش ڪري ٿي.
مضمون کا ماخذ : ریل رش