اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪش??يري (سڀاڻي) خميس ڏينهن ڄمون ڪش??ير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائيندا ۽ دنيا کي اهو واضح پيغام ڏيندا ته اهي ڄمون ۽ ڪش??ير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي ڪڏهن به قبول نه ڪندا، ان موقعي تي ??اڪ??تان ۾ به مختلف تقرينون منعقد ڪيون وينديون. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اپيل تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ 27 آڪٽوبر تي هڙتال ڪئي ويندي ۽ ڪش??يري عوام ان ڳالهه کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجائيندي ته اها ڀارت جي غلامي کان آزادي تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. حريت ڪانفرنس ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ هڙتال جي ڪال ڏيڻ کانسواءِ ??اڪ??تان، آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير سميت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ڪش??يرين ۽ ??اڪ??تانين تي زور ڏنو آهي ته اهي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي ??رف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ سڄي دنيا ۾ ڀارتي سفارتخانن، گڏيل قومن جي آفيسن، تاريخي جاين ۽ مختلف گادي وارن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪن. 27 آڪٽوبر کي سڄي دنيا ۾ ڪاري ڏينهن طور ملهايو وڃي ٿو. 1947ع ۾ انهي ڏينهن ڀارت بنا ڪنهن قانوني جواز جي رياست ڄمون ۽ ڪش??ير تي زبردستي قبضو ڪري ورتو هو جنهن کانپوءِ هيستائين ڀارتي قابض فوج بيدردي سان بيگناهه ۽ معصوم ڪش??يرين جو قتلام ڪري رهي آهي. ان موقعي تي ??اڪ??تان ۾ به مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون.
لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري خميس تي ڪارو ڏينهن ملهائيندا
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے طریقے