اسلام آباد -26 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه سنڌ، بل??چس??ان، ڪي پي ??ي ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو عمل جاري رکيو آهي. پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ کين ٻن مهينن جو راشن ڏنو. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بحالي جو ڪم مڪمل ٿيڻ تائين ٻوڏ متاثرن کي پاڻڀرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه جي فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ٻوڏ متاثرن کي مفت دوائون ۽ طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيم?? ضرورتمند ڪٽنبن ۾ 16650 تيار کاڌي جا پيڪيٽ، 750 پاڻي جون بوتلون ۽ 777 خشڪ راشن جا ٿيلها ورهايا. ان کان ع??او?? پاڪ فضائيه جي ميڊيڪل ٽين 920 مريضن جو طبي معائنو ڪيو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال