اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نظريه پاڪستان کي برقرار رکڻ ۽ پاڪستان کي ??ڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي عزم کي ??رجايون ٿا، پنهنجي 75 سالا تاريخ ۾ اسان مختلف مشڪلاتن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي، اسان نه رڳو هڪ ائٽمي قوت بڻجي اڀرياسين، پر دهشتگردي جي لعنت کي ??ڻ شڪست ڏني آهي، هلندڙ سال اسان آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي ملهائي رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن، جن جو مقصد عوام خاص طور تي پاڪستان جي نوجوانن ۾ قومي يڪجهتي، نظريه پاڪستان ۽ تحريڪ آزادي بابت شعور اجاگر ڪرڻ آهي، اڄ اسان نظريه پاڪستان کي برقرار رکڻ ۽ پاڪستان کي ??ڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي عزم کي ??رجايون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي خوشي جي موقعي تي پوري قوم کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته هي ڏينهن اسان کي ??لڪ پاڪستان حاصل ڪرڻ جي لاءِ قائداعظم محمد علي جناح جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪستان جي بانين جي لاتعداد قربانين جي ياد ڏياري ٿو. اڄ اسان نظريه پاڪستان کي برقرار رکڻ ۽ پاڪستان کي ??ڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي عزم کي ??رجايون ٿا. هن چيو ته هلندڙ سال اسان آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي پڻ ملهائي رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. انهن تقريبن جو مقصد عوام خاص طور تي پاڪستان جي نوجوانن ۾ قومي يڪجهتي، نظريه پاڪستان ۽ تحريڪ آزادي بابت شعور اجاگر ڪرڻ آهي. صدر چيو ته هن تاريخي موقعي کي ??لهائڻ جي حوالي سان سمورن ادارن جون ڪوششون ساراهه ??وڳ??ون آهن. ڊائمنڊ جوبلي جي هن موقعي تي اسان کي ??نهنجي ڪاميابين ۽ ڪوتاهين جو پڻ احاطو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته پنهنجي 75 سالا تاريخ ۾ اسان مختلف مشڪلاتن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان نه رڳو هڪ ائٽمي قوت بڻجي اڀرياسين پر دهشتگردي جي لعنت کي ??ڻ شڪست ڏني. تازي ماضي ۾ اسان ڪورونا وبا تي پڻ ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي. صدر چيو ته هن تاريخي موقعي تي اسان پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ته انهن ملڪ جي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن وڌيڪ چيو ته آئون پاڪستان جي پورهيتن، مزدورن، عورتن، ڪاروباري برادري، اقليتن ۽ انهن سمورن ماڻهن جي ڪو??شن کي ساراهيان ٿو جن پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته اڄ جي پاڪستان کي ??عاشي ۽ سياسي سطح تي مشڪلاتون درپيش آهن پر منهنجو پڪو يقين آهي ته هي قوم پنهنجي پڪي ارادي، حب الوطني، ڏينهن رات محنت، اتحاد، تنظيم، گڏيل هم آهنگي ۽ يڪجهتي س??ن انهن مشڪلاتن مان به سرخرو ٿي نڪرندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان کي اڄ آزادي جو ڏهاڙو ملهائيندي غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم ۽ ڀارتي ڏاڍ جي شڪار ڀينرن ڀائرن کي ??ڻ نه وسارڻ گهرجي.
نظريه پاڪستان کي برقرار رکڻ ۽ پاڪستان کي هڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي عزم کي ورجايون ٿا: صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری