اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته پاڪستان چين جي وچ ۾ 71 سالا اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ چين مشڪل حالتن جا دوست آهن، ذوالفقار علي ڀٽو چين پاڪستان لاڳاپن جو معمار آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چائنا سي پيڪ ميڊيا فورم کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته بينظير ڀٽو ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري چين جي دوري تي ويا، مارچ 2013ع ۾ گوادر پورٽ کي چين جي تعاون سان آپريشنلائيز ڪيو ويو. سي پيڪ جي ذريعي انفرااسٽرڪچر ۽ عوامي ڀلائي جا ڪيترائي م??صو??ا مڪمل ڪيا ويا، راجا پرويز اشرف چيو ته وچ اوڀر، آفريقا ۽ يورپ سان رابطاڪاري لاءِ گوادر پورٽ اهم آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ سي پيڪ م??صو??ن جي جلد پڄاڻي جي حوالي سان دلچسپي وٺي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ان حوالي سان پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، خاص طور ??لوچستان ۽ عام طور ??ي سڄي خطي ۾ سي پيڪ م??صو??ي جي ذريعي خوشحالي ايندي، سي پيڪ کي سبو??از ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته ميڊيا جي به ذميداري آهي ته هو سي پيڪ جي حوالي سان جعلي خبرن کي جاءِ نه ڏي، ٻنهي ملڪن جي ميڊيا کي هڪٻئي سان مثبت خبرن جي مٽاسٽا ڪرڻ گهرجي ته جيئن سي پيڪ جي حوالي سان غلط خبرن ۽ پروپيگنڊا جو مقابلو ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اهو سي پيڪ هڪ فلنگ م??صو??و آهي ۽ موجوده حڪومت ان کي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي.
پاڪستان چين جي وچ ۾ 71 سالا اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil