اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر خواجه محمد آصف چيو آهي ته قوم کان ??ئي?? مينڊيٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي ??ام چونڊن طرف جلد کان جلد وڃڻو پوندو جنهن جو فيصلو اتحادي حڪومت جي اڳواڻن کي گڏجي ڪرڻ گهرجي، پارليامينٽ، عدليه، فوج، بيوروڪريسي ۽ ميڊيا سڀني کي گڏجي ملڪ کي مشڪل صورتحال مان ڪڍڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسان کي ٻاهر کان ڪو خطرو نه آهي، اسان کي ??ندران ئي خطرو آهي، بلوچستان جا ماڻهو اليڪشن جي ذريعي اهڙن نمائندن کي ??ڳتي آڻين جيڪي انهن جا مسئلا حل ڪري سگهن، اسان کي ناراض بلوچن کي س??ني سان لڳائڻو پوندو ۽ انهن جي ناراضگي جا سبب ڄاڻڻا پوندا. خواجه آصف صدارتي خطاب تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته عمران ??ان جي چار سالا حڪومت جو دارومدار ڪوڙ تي هو. غيرملڪي تحفا وڪرو ڪندڙ پاڻ کي ??ادق ۽ امين چوي ٿو. اسرائيل ۽ ڀارت مان انهن کي فارن فنڊنگ ٿي. هن چيو ته سڄي س??اسي قيادت کي گهرجي ته ان صورتحال جو ادراڪ ڪري. سينيئر صحافي حامد مير جي گ??ر تي پي ٽي آءِ وارن حملو ڪيو. جيڪڏهن سچ ڳالهايئندڙن جو آواز بند ڪيو ويو ته اهو ملڪ جي لاءِ نقصانڪار ٿيندو. ڪپتان پچ تي ليٽي پيو آهي. عمران ??ان جلسن جو هڪ نئون سلسلو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي اهو انهن جو حق آهي. اتحادي حڪومت جي اڳواڻن کي ??هو فيصلو ڪرڻ گهرجي اسان کي ??لد کان جلد چونڊن طرف وڃڻ گهرجي. ملڪ کي گهرو ويڙهه طرف ڌڪيو پيو وڃي. ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو آهي ماڻهو ٻن وقت جي ماني لاءِ ترسي رهيا آهن جڏهن ته چيو پيو وڃي هي امپورٽيد حڪومت آهي. صدارتي خطاب تي بحث سهيڙي وڃي ته جيئن هي ايوان نارمل بزنس طرف اچي سگهي. هن چيو ته افغانستان جي صورتحال ۽ بلوچستان جا معاملا 30، 40 سالن کان اسان جي سامهون آهن. اسان کي ??لوچستان جا مسئلا ۽ اتي هلندڙ تحريڪن جا سبب ڳولڻا پوندا.
قوم کان نئين مينڊيٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي عام چونڊن طرف جلد کان جلد وڃڻو پوندو: خواجه محمد آصف
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل