اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آ??ي ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ۽ انتظامي ادارو آهي، پارليامينٽ جي ٺاهيل قانونن تي عملدرآمد جو پابند آهي، پرڏيهي پاڪستاني اسان جا محسن آهن، تحريڪ انصاف سدائين انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي، سمجهه ۾ نه اچي ر??يو آ??ي ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ڇو پرڏيهي پاڪستانين کان ڊنل آهن، پرڏيهي پاڪستانين جي مٽاسٽا جي ناڻي پاڪستان جي معيشت کي بدلائي ڇڏيو آهي، 90 سيڪرو مٽاسٽا جو ناڻو 500 ڊالر کان گهٽ رقم جو آهي، انهن پاران وڏي انگ ۾ مٽاسٽا جو ناڻو اچڻ عمران خان جي قيادت تي انهن جي ا??تم??د جو اظهار آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ اي وي ايم ۽ آئي ووٽنگ تي بريفنگ ڏني وئي.
اليڪشن ڪميشن آئيني ۽ انتظامي ادارو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا