اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? چيو آهي ته اڄ قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي موقعي تي 20 هين صدي جي عظيم اڳواڻ کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جنهن پنهنجي نظريي ۽ سوچ سان تاريخ بدلائي ڇڏي ۽ مسلمانن جي حقن لاءِ بي مثال ۽ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي، اسان جي ق??ئد ننڍي کنڊ جي مايوس مسلمانن ۾ اميد جي نئين روح وڌي، انهن جي آئيني جدوجهد جي نت??جي ۾ دنيا جي نقشي تي هڪ آزاد مسلمان رياست وجود ۾ آئي. وزيراعظم آفيس پاران جا??ي بيان موجب وزيراعظم عمران خا?? باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته اڄ قائداعظم جي سالگرهه ملهائيندي اسان کي اهو ڏسڻو پوندو ته اسان پنهنجي عظيم قائد جي ٻڌايل اصولن موجب ڪيتري حد تائين ڪامياب ٿيا آهيون.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین