اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪشميري عوام جون قربانيون رنگ لائينديون ۽ والاريل ڪشمير جي عوام جلد آزادي ماڻيندي. ڀارت پاران والاريل ڪشمير تي 27 آڪٽوبر 1947ع تي غيرقانوني قبضي جي حوالي سان ملهايل ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پورو پاڪستان ڪشميرين سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي آزادي جدوجهد ۽ ڀارت جي ر??اس??ي ظلمن خلاف انهن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ر??ندڙ ڪشميري ۽ سڄي دنيا ۾ ر??ندڙ ڪشميرين ڪارو ڏينهن ملهايو ڇو ته ان ڏينهن ڀارتي فوج عالمي قانو??ن جي خلاف ورزي ڪندي ڪشمير جي ر??اس?? تي غيرقانوني قبضو ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی ترکیبیں