اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته آزا?? ڪشمير ۾ ق??لام جي راند آزا?? ڪشمير جي وزيراعظم جي نگراني ۽ هدايت تي کيڏي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پمز اسپتال ۾ علاج هيٺ مسلم ليگ (ن) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳواڻ ۽ اميدوار قانونساز اسيمبلي چوڌري محمد عزيز جي عيادت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ا?? موقعي تي وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو خصوصي معاون ڊاڪٽر آصف ڪرماڻي ۽ وڏي انگ ۾ مسلم ليگ (ن) آزا?? ڪشمير جا ڪارڪن پڻ ساڻس گڏ هئا. اطلاعات واري وزير چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان سري نگر ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿين خالي شهرين تي گوليون هلائي رهي آهي ۽ انساني حقن جي سخت خلاف ورزي ڪئي پئي وڃي، پاڪستان انهن واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو ۽ عالمي سطح تي انهن واقعن کي کڻندو. انساني حقن جون تنظيمون انهن واقعن جو نوٽيس وٺن ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ظالم کي ظل?? کان روڪين. هن چيو ته انهن واقعن ۾ اٽڪل 20 ڪشميري حريت شهيد جڏهن ته 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن، گڏيل قومن جي قرارداد?? موجب ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي ۽ عالمي برادري کي گهرجي ته هو انهن واقعن جو فوري نوٽيس وٺي. وفاقي وزير چيو ته آزا?? ڪشمير ۾ ق??لام جي راند آزا?? ڪشمير جي وزيراعظم جي نگراني ۽ هدايت تي کيڏي پئي وڃي.
قتلام جي راند آزاد ڪشمير جي وزيراعظم جي هدايت تي کيڏي پئي وڃي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : bolão quina