ماسڪو -22 آڪٽوبر (اي پي پي ) روس چيو آهي ته اتر ڪوريا سان سهڪار کي هر شعبي ۾ هٿي ڏئي رهيا آهيون. جنهن تي ڪنهن کي به پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها ڳالهه روس جي حڪومت جي ترجمان دمتري پيسڪوف هڪ ب??ان ۾ چئي. هن چيو ته اسان پنهنجي خودمختياري تحت اهو حق رکون ٿا ته اتر ڪوريا س??ن هر شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيون اهو تعاون ڪنهن ٽئين ملڪ خلاف ناهي ۽ نه ئي ڪنهن کي ان مان پريشان ٿيڻ جي ضرورت آهي. اتر ڪوريا روس ??و ويجهو پاڙيسري ۽ شراڪتدار آهي ان سان اتحاد کي وڌ??ڪ ??ٿي ڏينداسين.
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا