ت?? ابيب – 05 اپريل (اي پي پي) ا??را??يل ڏڪار جي خطري جو شڪار غزه ۾ امداد جي فراهمي لاءِ عارضي رستا کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي مطابق ا??را??يل جمعي تي اعلان ڪيو ته ڏڪار جي خطري جو شڪار اتر غزه ۾ عارضي امداد جي فراهمي جي اجازت ڏيندو. خميس تي آمريڪي صدر جوبائيڊن ا??را??يلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو کي ٽيليفونڪ رابطي ۾ ٻڌايو ته ا??را??يل بابت آمريڪي ??ال??سي غزه ۾ شهرين ۽ ام??اد?? ڪارڪنن جي تحفظ تي ٻڌل آهي، اهو واشنگٽن طرفان ا??را??يل جي فوجي مدد لاءِ امڪاني شرط ڏانهن پهريون اشارو هو. ڪجهه ئي ڪلاڪن کانپوءِ ا??را??يل اعلان ڪيو ته هو غزه لاءِ وڌيڪ ام??اد?? رستا کولي ڇڏيندو. نيتن ياهو جي آفس ٻڌايو ته ا??را??يل جي وار ڪيبنٽ اش??ود پورٽ ۽ ايريز لينڊ ڪراسنگ ذريعي عارضي امداد جي فراهمي جي اجازت ڏني آهي، ان سان گڏو گڏ اردن کان ڪريم شالوم ڪراسنگ تي پڻ فراهمي ۾ اضافو ڪيو ويو. وائٽ هائوس فوري طور انهن قدمن جي آجيان ڪئي ۽ انهن کي صدر جوبائيڊن جي درخواست تي ڪيل قدم قرار ڏنو. وائٽ هائوس چيو ته انهن قدمن کي هاڻي مڪمل طور وڌيڪ تيزي سان لاڳو ڪرڻ گهرجي.
اسرائيل طرفان غزه ۾ امداد جي فراهمي لاءِ عارضي رستا کولڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار