واشنگٽن-25 اپريل (اي پي پي) آمريڪي عملدارن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته يوڪرين آمريڪا طرفان ڳجهي طور تي فراهم ڪيل ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائلن جو روس خلاف استعمال شروع ڪري ڇڏيو آهي. بي بي سي ??وج?? اهي هٿيار 300 ملين ڊالرن جي ان امدادي پيڪيج جو حصو هئا جنهن جي مارچ ۾ آمريڪي صدر جوبائيڊن منظور ڏي هئي ۽ هو هن مهيني يوڪرين پهتا هئا. ڪريميا ۾ روسي هدفن کي نشانو بڻائڻ لا??ِ کيس پهرين ئي گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو استعمال ڪي?? ويو آهي. آمريڪا پهرين يوڪرين کي آرمي ٽيڪينيڪل ميزائل سسٽمز (اي ٽي اي سي ايم ايس) وچولي فاصلي جي ورجن سان فراهم ڪيو هو تنهن هوندي به آمريڪي صدر جوبائيڊن فيبروري ۾ ڳجهي طور تي ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائيل نظام کي يوڪرين کي فراهم ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. هي نظام 300 ڪلوميٽر تائين هدف کي نشانو بڻائي سگ??ي ٿو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ويدانت پٽيل چيو ته آئون ان ڳالهه جي تصديق ڪري سگ??ان ٿو ته صدر جوبائيڊن جي سڌي ريت هدايتن تي يوڪرين کي ڊگهي فاصلي تائين هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکندڙ اي ٽي اي سي ايم ايس سسسٽم فراهم ڪيو. رپورٽ ۾ هڪ آمريڪي اهلڪار ??وج?? ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائلن جو استعمال گذريل هفتي پهريون ڀيرو ڪريميا ۾ هڪ روسي هوائي اڏي کي نشانو بڻائڻ لا??ِ ڪي?? ويو. ان کانسواءِ سامونڊي شهر برڊيانسڪ ۾ روسي فو??ين تي حملن ۾ به نون ميزائلن جو استعمال ڪي?? ويو.
يوڪرين روس خلاف ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ آمريڪي ساخت جي بيليسٽڪ ميزائلن جو استعمال ڪري ڇڏيو آهي: آمريڪي عملدارن جي تصديق
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری