صنعا- 21 اپريل (اي پي پي) يمن ۾ عيد جي موقعي تي امداد ورهائڻ دوران ڀاڄ پوڻ سبب 85 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. عرب خابرو اداري موجب هي حادثو عيد جي موڪلن کان ٻه ڏينهن اڳ هڪ اسڪول ۾ امداد ورهائڻ دوران پيش آيو، هي هڪ ڏهاڪي دوران ڀاڄ ??و خطرناڪ واقعو آهي، هڪ حوثي سيڪيورٽي اهلڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي فراسيسي خابرو اداري کي ٻڌايو ته گادي واري شهر جي ضلع باب اليمن ۾ ڀاڄ سب?? گهٽ ۾ گهٽ 85 ماڻهو فوت ۽ 322 زخمي ٿيا آهن، انهن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. صحت کا??ي جي هڪ اهلڪار به فوتگين جي تصديق ڪئي.
مضمون کا ماخذ : ولف گولڈ