قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر مسعود پزشڪيان گڏيل دلچسپي جي سمورن ش??بن خاص طور تي ٻطرفي واپار، معيشت، توانائي، سلامتي ۽ علائقائي رابطن جي حوالي سان پاڪ ايران ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورج??ءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اسرائيل ج?? هٿان بيگناهه فلسطينين جي نسل ڪشيءَ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ مظلوم فلسطينين جي لاءِ آواز بلند رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اسرندڙ ملڪن (ڊي – 8) جي 11هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ٻطرفي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن اميد ظاهر ڪئي ته ڊي – 8 سربراهي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن سان ميمبر ملڪن جي وچ ۾ شعبن ۾ گڏيل طور تي فائديمند تعاون وڌڻ جون راهون کلنديون. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن ش??بن خاص طور تي ٻطرفي واپار، معيشت، توانائي، سلامتي ۽ علائقائي رابطن جي حوالي سان پاڪ ايران ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورج??ءُ ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ موجود اداراجاتي حڪمت عملي جي ذريعي نئين ش??بن جي نشاندهي ڪري ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون ۾ وسيع صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سرحدي علائقن جي ترقي ۽ اتان جي ماڻهن جي روزگار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بارڊر مارڪيٽن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي اه??يت تي زور ڏنو جن مان ڪجهه جو اڳ ۾ ئي افتتاح ٿي چڪو آهي جڏهن ته ڪجهه تي ڪم جاري آهي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل مسئلن تي فراهم ڪئي ويندڙ حمايت کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ علائقائي ۽ عالمي اه??يت جي سمورن معاملن تي ويجهو رابطو رکڻ جي عزم جو ورج??ءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اسرائيل ج?? هٿان بيگناهه فلسطينين جي نسل ڪشيءَ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ مظلوم فلسطينين جي لاءِ آواز بلند رکڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورج??ءُ ڪيو ته پاڪستان فلسطين، لبنان ۽ شام سان تعلق رکندڙ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار جاري رکندو. وزيراعظم ملاقات ۾ ايران جي سپريم ليڊر جي لاءِ پنهنجي مبارڪباد وارو پيغام پڻ ڏنو. وزيراعظم برڪس جو ميمبر بڻجڻ تي ايران کي مبارڪباد پڻ ڏني ۽ پاڪستان جي برڪس ۾ ميمبرشپ جي لاءِ ايران جي حمايت جي درخواست ڪئي. هن صدر مسعود پزشڪيان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايران جي صدر پاران ٻطرفي واپار، معيشت، توانائي، سلامتي ۽ علائقائي رابطن جي حوالي سان پاڪ – ايران ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ