اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت چيو آهي ته پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊي?? ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) ٽي وي چينلز تي نشر ٿيڻ کان اڳ مواد کي سينسر نٿي ڪري، سمورن لائيسنس يافته ٽي وي چينلز جي اولين ذميواري هوندي آهي ته اهي چينلز تي نشر ٿيندڙ مواد جي پ??مرا جي قانونن ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ضابطه اخلاق 2015ع سان هڪجهڙائي کي يقيني بڻائين. سيده شهلا رضا جي سوال تي ا??لاعات ۽ نشريات واري وزارت لکت واري جواب ۾ قومي ا??يمبلي کي ٻڌايو ته پ??مرا جي آرڊيننس 2023ع ۽ پيمرا قاعدي 9 جي قاعدي 15 (1) (2)، پيمر?? ريگيوليشن 2024ع جي ضابطي 18، اليڪٽرانڪ ميڊيا ضابطه اخلاق جي ٽن شقن ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون