اسلام آباد – 8 آگسٽ (اي پي پي ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ميجر طفيل محمد شهيد (نشان حيدر ) کي 66هين شهادت جي ڏهاڙي ??ي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته بنا ڪنهن شڪ جي شهيدن جي ڏنل قربانين عيوض اڄ اسان هتي کليل هوائن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ مان جاري ڪيل بي??ن مطابق ميجر طفيل محمد شهيد جي 66 هين شهادت جي ڏهاڙي ??ي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته ميجر طفيل 1958ع ۾ لڪشمي پور ۾ دشمنن خلاف بهادري ??ان وڙهندي حياتي جو نظرانو پيش ڪيو. سندس بي مثال شجاعت جي اعتراف ۾ کيس ملڪ جي اعلى ترين عسڪري ??عزاز نشان حيدر سان نوازيو ويو. سڄي قوم ميجر طفيل محمد جي 66هين شهادت جي ڏهاڙي ??ي موقعي تي کيس سلام پيش ڪري ٿي. قوم کي پنهنجي بهادر سپوتن تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪ فوج جي پنهنجي ملڪ لاءِ ڏنل قربانين کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. شهيدن جون قربانيون اتحاد، اخوت ۽ ڀائيچاري ??و سبق ڏين ٿيون. اسپيڪر الله تعالى کان ميجر طفيل محمد شهيد جي درجن جي بلندي ??اءِ دعا پڻ ڪئي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران ميجر طفيل محمد شهيد کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا