اسلام آباد-18 جولاءِ (اي پي پي)رٿابندي،ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن قبال ??يو آهي ته دنيا چين جي معاشي ترقي ۽ مارڪيٽ مان فائدا حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، پاڪستان جي جاگرافيائي حيثيت سبب سي پيڪ منصوبو اڄ به اهميت رکي ٿو، سي پيڪ جي حيثيت کي نظر ۾ رکندي اڄ به اسان جي لاءِ ترقي جا ڀرپور موقعا موجود آهن. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن پنهجي صدارت هيٺ پاڪ – چين اقتصادي راهداري جي حوالي سان اهم اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو، اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي دوري دوران پاڪ – چين اقتصادي راهداري جي حوالي سان ٿيل فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. هن ??يو ته چين ۽ پاڪستان جي قيادت وچ ۾ اقتصادي راهداري جي ٻئي مرحلي تي مڪمل اتفاق راءِ آهي، هن ??يو ته گذريل هفتي منهنجو چين جو دورو پڻ وزيراعظم جي چين جي دوري جي ڪڙي هو، وفاقي وزير وڌيڪ ??يو ته دنيا چين جي معاشي ترقي جي ماڊل ۽ ملڪي مارڪيٽ مان فائدو حاصل ڪرڻ چاهي ٿي،2018 ع تائين پاڪستان سي پيڪ سبب چين جي جديد معاشي ماڊل ۽ اوپن مارڪيٽ مان فائدو حاصل ڪندڙ سڀ کان وڏو ملڪ هو، 2018ع کان پوءِ سي پيڪ منصوبن کي تڪراري بڻائي رولڙي جو شڪار ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي تعيمر هيٺ منصوبن کي روڪيو ويو جنهن سان اسان دنيا کان پوئتي رهجي وياسين. هن وڌيڪ ??يو ته 2018 تائين سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ اهم راهدري هئي اڄ به خطي ۾ بيلٽ اينڊ روڊ هيٺ ڪيتريون ئي راهداريون ڪاميابي سان آخري مرحلن ۾ پهچي رهيون آهن.پاڪستان جي جاگرافيائي حيثيت سبب سي پيڪ منصوبو اڄ به اهميت رکي ٿو. اڄ به اسان لاءِ ترقي جا ڀرپور موقعا موجود آهن.هن ??يو ته ٻنهي ملڪن جون حڪومتون ايم ايل ون منصوبن تي جلد ڪم جي شروعات لاءِ متفق آهن، ريلوي وزارت ايم ايل ون جي منصوبن کي جلد شروع ڪرڻ لاءِ سمورن دستاويزن ۽ ضروري قدمن کي مڪمل ڪري. هن ??يو ته منهنجي چين جي تازي دوري دوران ايم ايل ون منصوبن لاءِ جوائنٽ فنانسنگ ڪميٽي جو اجلاس جلد گهرائڻ تي اتفاق ٿيو آهي. اجلاس هڪ مهيني اندر منعقد ڪيو ويندو ۽ ايم ايل ون منصوبي کي مرحليوار مڪمل ڪيو ويندو. احسن اقبال ??يو ته ريلوي ۽ اين ايڇ اي عملدارن سڄي خطي جي راهدري لاءِ ماسٽر پلان تيار ڪن، ماسٽر پلان ۾ ٻڌايو ويندو ته سي پيڪ ۽ پاڪستان ڪ??ڙي ريت خطي کي جوڙڻ ۽ عالمي اقتصادي ترقي جي انجڻ طور اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
پاڪستان جي جاگرافيائي حيثيت سبب سي پيڪ منصوبو اڄ به وڏي اهميت رکي ٿو: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا