اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سي پيڪ تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مڪمل سياسي اتفاق راءِ تي اطمينان ظاهر ڪندي چيو آهي ته پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ خطي ۽ عا??مي امن ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ملڪ ۾ چيني سيڙپڪاري جي حوالي سان هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهي آهي جڏهن ته ڪميونسٽ ??ار??ي آف چائنا جي عا??مي ترقي واري ??زي?? ليو جيان چائو چيو ته چين پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي حمايت جاري رکندو ۽ سي پيڪ جي اپ گريد ورزن جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪندو. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سان ڪميونسٽ ??ار??ي آف چائنا جي عا??مي ترقي واري ??زي?? ليو جيان چائو اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ليو جيان چائو ??زي??اعظم جي چين جي تازي دوري کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو حصو آهي. چيني ??زي?? ۽ ان جي وفد جي ميمبرن جي پاڪستان ۾ آجيان ڪندي ??زي??اعظم انهن کي ۽ پاڪستان جي سياسي اڳواڻن کي پاڪ چين پوليٽيڪل ??ار??يز فورم جي ڪامياب تنظيم ۽ سياسي ??ار??ين جي گڏيل مشاورتي مڪينزم (جي سي ايم) جي ٽئين دور تي مبارڪباد ڏني. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي حوالي سان هن چيو ته اها انتهائي اطمينان جوڳي ڳالهه آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تي ٻنهي ملڪن ۾ مڪمل سياسي اتفاق راءِ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان بزنس ٽو بزنس ۽ صنعتي شعبن تي ڌيان ڏيندي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جو نئون مرحلو شروع ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي تاريخي ۽ منفرد اهميت تي زور ڏيندي ??زي??اعظم چيو ته پاڪ چين دوستي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿي آهي. هن پاڪ چين دوستي کي ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ خطي ۽ عا??مي امن ۽ ترقي جي لاءِ لازمي قرار ڏنو. پنهنجي چين جي تازي دوري دوران چيني صدر شي جن پنگ ۽ ??زي??اعظم لي ڪي ڪيانگ سان ٿيندڙ لاڀائتين ملاقاتن جو ذڪر ڪيو ۽ پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي اڳئين مرحلي ۾ ان لنگهه جي اپ گريڊيشن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي چيني قيادت جي ويزن کي ساراهيو. ??زي??اعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سي پيڪ جي سمورن جاري ۽ نئين منصوبن جي جلد تڪميل ۽ انهن تي عملدرآمد پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۽ جامع ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ??زي??اعظم ٻنهي ملڪن جي سياسي ??ار??ين جي وچ ۾ تجربي جي مٽاسٽا، صلاحيت ۾ بهتري جي حوالي سان مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان سان چين جي مضبوط ڀائيچاري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سي پي سي جي مڪمل حمايت کي ساراهيو. ليو جيان چائو ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ چين مضبوط ڀاءُ، اسٽريٽجڪ حصيدار ۽ انتهائي اعتماد جوڳا دوست آهن. هن چيو ته چين پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان کي هڪ خاص مقام ڏنو آهي ۽ هو پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي حمايت جاري رکندو ۽ سي پيڪ جي اپ گريڊ ورزن جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪندو. هن چيو ته ??زي??اعظم محمد شهباز شريف جو چين جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو. سندس چوڻ هو ته اسان چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي اڳئين مرحلي جي لاءِ تيار آهيون. وفد ۾ پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زيڊونگ شامل هو، ملاقات ۾ بنهي ملڪن جي وچ ۾ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ ۽ بزنس ٽو بزنس حصيداري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ملاقات ۾ نائب ??زي??اعظم ۽ پرڏيهي ??زي?? اسحاق ڊار، ٻيا وفاقي ??زي?? ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ??زي??اعظم محمد شهباز شريف وفد جي اعزاز ۾ آجياڻو پڻ ڏنو. جنهن ۾ مختلف سياسي ??ار??ين جي قائدين پڻ شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران سي پيڪ تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مڪمل سياسي اتفاق راءِ تي اطمينان جو اظهار، پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ خطي ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهي: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا