اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن م??جب ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق جي لاءِ جاري جدوجهد جي ڀرپور اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن م??جب خودمختياري جي حق کي اسعتمال ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي، ڀا??تي سپريم ڪورٽ جو تازو فيصلو ڪشمي??ي عوام جي خودمختياري جي حق کي سلب ڪرڻ جي ڀا??ت جي خواهش جو هڪ ٻيو مظهر آهي. نگران پرڏيهي وزير خودمختياري جي حق جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 5 جنوري ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي لاءِ هر سال خودمختياري جي حق جي ڏهاڙي طور ملهايو وڃي ٿو، 1949ع ۾ اڄ جي ڏينهن گڏيل قومن جي هندستان ۽ ڀا??ت بابت ڪميشن (يو اين سي آئي پي) هڪ قرارداد منظور ڪئي هئي جيڪا ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آزاداڻي ۽ منصفاڻي ريفرنڊم جي ضمانت ڏي ٿي ته جيئن ڪشمي??ي عوام کي خودمختياري جي حق جو موقعو ڏئي سگهجي. هن چيو ته خودمختياري جو حق عالمي قانون جو هڪ بنيادي اصول آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته هر سال گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ه?? قرارداد منظور ڪندي آهي جنهن ۾ ماڻهن جي ان قانوني حق جي توثيق ڪئي وڃي ٿي ته اهي پنهنجي مقدر جو فيصلو پاڻ ڪندا. اها قرارداد غيرملڪي قبضي جي صورت ۾ ماڻهن جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي واضح حمايت ڪري ٿي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته ڪشمي??ي عوام ان فتح نه ٿيڻ جوڳي حق کي استعمال نه ڪري سگهي. جليل عباس جيلاني چيو ته ڪشمير هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرا??ي علائقو آهي ۽ ڀا??ت پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي قبضي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کڻي رهيو آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪ طرفي قدم کانپوءِ ڀا??ت جي ڪوششن جو مقصد آبادياتي ۽ سياسي تبديلين کي عمل ۾ آڻڻ آهي ته جيئن ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين تي ه?? بي اختيار ڪميونٽي بڻايو وڃي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڀا??تي سپريم ڪورٽ جو تازو فيصلو ڪشمي??ي عوام جي خودمختياري جي حق کي سلب ڪرڻ جي ڀا??ت جي خواهش جو هڪ ٻيو مظهر آهي، ڀا??ت ڪشميرين کي انساني حقن جي منظم خلاف ورزين جو نشانو به بڻائي رهيو آهي، هن والاريل ڪشمير ۾ اختلاف راءِ کي ڪچلڻ جي لاءِ خوف جو ماحول قائم ڪري رکيو آهي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عالمي برادري خاص طور تي گڏيل قومون پنهنجي واعدن تي عمل ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن م??جب خودمختياري جي حق جو استعمال ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي، ان کي انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري بند ڪرڻ ۽ ڪشمي??ي عوام جي حقن ۽ بنيادي آزادين جي بحالي جو پڻ مطالبو ڪرڻ گهرجي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن م??جب ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي جدوجهد جي پنهنجي ڀرپور اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق لاءِ جاري جدوجهد جي ڀرپور اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ