اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چي?? آهي ته سڄي مُلڪ ۾ چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي پهرئين ڏينهن ڪيترائي نامزدگي ڪاغذ جمع ٿيا آهن، چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي يا خطرو نه آهي، اليڪشن ڪميشن پنهنجي واعدي موجب اليڪشن شيڊيول ج??ري ڪيو ۽ سمورين رجسٽرڊ سي??سي پارٽين کي چونڊ مهم جي لاءِ 54 ڏينهن فراهم ڪيا آهن. نجي ٽي وي چي??ل ”نيوز ون“ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چي?? ته جمهوريت ۾ گوڙ ۽ اختلاف راءِ هوندو آهي، مطالبو ڪرڻ ماڻهن جو حق آهي، اهو حق ملڪ جو آئين ڏي ٿو، ان حق کي کسي نه ٿو سگهجي، شڪايت ڪرڻ ??سا?? جي سي??سي ڪلچر جو حصو آهي، سي??سي پارٽين کي دائري ۾ رهندي احتجاج جو حق حاصل آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ اهڙو ڪو خطرو نه آهي جو ملڪ جي اندر چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿئي، چونڊون پنهنجي مقرر وقت 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. هڪ سوال جي جواب هن چي?? ته چونڊون ڪرائڻ جي آئيني ذميواري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آهي، اليڪشن ڪميشن پهرين ڏينهن کان پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميواري ادا ڪري رهي آهي ۽ پنهنجي واعدي موجب اليڪشن شيڊيول ج??ري ڪيو. اليڪشن ڪميشن سمورين رجسٽرڊ سي??سي پارٽين کي چونڊ عمل جي لاءِ 54 ڏينهن جي فراهمي يقيني بڻائي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته ??سا?? جا خراب ڏينهن تڏهن شروع ٿيندا جڏهن ??سا?? پنهنجي مقرر وقت کان اڳتي وڃون، ??سا?? آئين ۽ قانون تحت غيرجانبدار رهندي پنهنجو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ??سا?? اليڪشن ڪميشن جون ضرورتون پوريون ڪري رهيا آهيون، جنهن حالت ۾ ??سا?? کي ملڪ مليو هو ان کان بهتر حالت ۾ اڳئين چونڊيل حڪومت کي ڏئي وينداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته اڄ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو پهريون ڏينهن هو، ڪيترائي نامزدگي ڪاغذ جمع به ٿيا، چونڊن جو عمل معمول موجب جاري آهي.
سڄي مُلڪ ۾ چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي پهرئين ڏينهن تي ڪيترائي نامزدگي ڪاغذ جمع ٿيا آهن، چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي يا خطرو نه آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : sorteios quina