اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پي آءِ اي جي موجو??ه صورتحال هڪ ڏينهن ۾ پ??دا ناهي ٿي، قومي فضائي ڪمپني جي نجڪاري پڻ نجڪاري جي فهرست ۾ شامل آهي. سينيٽ ۾ پ?? آءِ اي جي صورتحال بابت سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته پي آءِ اي جي صورتحال هڪ ڏينهن ۾ پ??دا ناهي ٿي، اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ به نجڪاري جو هڪ منصوبو ڏنو ويو نگران حڪومت ان تي عمل ڪري رهي آهي، پي آءِ اي ۾ ملازمن جو وڌيڪ انگ ۽ ڀرتين جو معاملو پڻ رڳو ڪنهن هڪ حڪومت ??ان لاڳاپيل نه آهي، حڪومت ۽ پارليامينٽ جو استحقاق آهي ته اهي ڪهڙي طرح جي پاليسي اختيار ڪن ٿا، پي آءِ اي جي نجڪاري به نجڪاري جي فهرست ۾ موجود آهي. هن چيو ته پي ايس او به خودمختيار ادارو آهي، اهو بنا پئسي جي ٻارڻ ڪيئن فراهم ڪندو وڏي مشڪل ??ان فنڊز جو انتظام ڪري رڪيل اڏامن کي بحال ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته اهو معاملو ايندڙ اجلاس ۾ هوابازي واري نگران وفاقي وزير ۽ نجڪاري واري نگران وفاقي وزير جي موجودگي ۾ اٿاريو وڃي ته اهي بهتر جواب ڏئي سگهندا.
پي آءِ اي جي موجوده صورتحال هڪ ڏينهن ۾ پيدا ناهي ٿي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش