اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان سياحن جي لاءِ هڪ بي مثال ملڪ آهي، اي پورٽل سڄي دنيا مان سياحن جي پاڪستان ۾ دلچسپي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، پاڪستان ۾ بي شمار سياحتي ماڳ آهن ۽ خا?? طور تي مل?? جي اترئين علائقن جا ??در??ي منظر بي مثال آهن، پاڪستان ??در??ي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ”س??ام پاڪستان“ برانڊ ۽ اي پورٽل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته تقريب ۾ شرڪت خوشي جوڳي آهي، پاڪستان ۾ سياحت، ثقافت ۽ تاريخي ورثي جي فروغ جا وسيع موقعا دستياب آهن، ملڪ ۾ سياح?? جي شعبي جي ترقي ۽ فروغ جي لاءِ وزيراعظم جو صلاحڪار عون چوڌري ۽ سندس ٽيم جون ڪوششون قابل قدر آهن. ڀائر اسلامي ملڪن سميت دنيا جي ڪيترن ئي ٻين ملڪن ثقافت، دستڪاري ۽ سياح?? جي شعبي ۾ نمايان ترقي ڪئي آهي. پاڪستان کي الله تعاليٰ بي پناهه ??در??ي وسيلن ۽ خوبصورت منظرن سان نوازيو آهي، خا?? طور تي مل?? جي اترئين علائقن ۾ سياحتي ماڳن کي سياح?? جي فروغ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته عون چوڌري جي سياح?? جي شعبي جي ترقي ۽ پاڪستان جي لاءِ قابل قدر خدمتون آهن. وزيراعظم غيرملڪي سفيرن ۽ سفارتي برادري جي تقريب ۾ شرڪ?? جي آجيان ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ملڪ ۾ سياحت، ثقافت، تاريخي ورثي ۽ دستڪاري جي شعبي جي ترقي لاءِ سلام پاڪستان برانڊ ۽ اي پورٽل کي ڪاميابي سان نوازي.
پاڪستان سياحن جي لاءِ هڪ بي مثال ملڪ آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا