اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ميڊيا جي ڪجهه حصن ۽ ڊان اخبار ۾ شايع ٿيندڙ رپورٽس ۽ قياس آرائين جي ابتڙ وزيراعظم محمد شهباز شريف اڃان تائين نگرا?? وزيراعظم جي ل??ءِ ڪنهن اميدوار کي چونڊيو يا رد ناهي ڪيو، نگرا?? وزيراعظم جي مقرري آئين ۾ طئي ٿيل طريقيڪار موجب ڪئي ويندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف موزون ??ري?? اميدوار جي ل??ءِ حڪومت ۾ شامل سمورين اتحادي پارٽين سان مشاورت ۽ مسلم ليگ (ن) جي ??ائ?? محمد نواز شريف کان رهنمائي وٺندو. هن چيو ته اتحادين سان مشاورت کانپوءِ وزيراعظم ان معاملي تي آئين موجب فيصلي جي ل??ءِ مخالف ڌر اڳواڻ سان مشاورت ڪندو.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ