اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر جي خاص معاون ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڏکڻ ايشيا جي لاءِ سينيئر ڊائريڪٽر ريئر ايڊمرل ايلي?? لاوباچر هڪ اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ڪندي پاڪستان جو ٻن ڏينهن دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته وفد ۾ آمريڪي پرڏيهي کاتي، دفاع واري کاتي ۽ وائيٽ هائوس جا ميمبر شامل هئا. هن چيو ته آمريڪي وفد 19 جولاءِ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي دلچسپي جي معاملن سميت علائقائي ۽ عالمي صورتحال تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏ??و ته پاڪستان جا آمريڪا سان پراڻا ۽ وسيع ال??نياد لاڳاپا آهن ج?? کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي طرف?? جي عوامي نمائندن ۽ عهديدار?? جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابط?? کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ايلي?? لاوباچر پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپ?? کي مستحڪم ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ آمريڪا جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا.
آمريڪي صدر جي خاص معاون ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ۾ ڏکڻ ايشيا جي لاءِ سينيئر ڊائريڪٽر هڪ اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے عمومی نمبر