ٽوڪيو – 03 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جاپان سان سيڙپڪاري، واپار، س??احت ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهيون ٿا، نجي شعبو ٻطرفن لاڳاپن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جاپان سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻوڏ متاثرين جي مدد تي جاپ??ن جي حڪومت جو ٿورائتو آهيان، پاڪست??ن جاپان کي افرادي قوت مهيا ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپ??ن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي ٽوڪيو ۾ جاپاني هم منصب يو شيماسا حياشي سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪا??فر??س کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جاپ??ن جي دوري دوران ميزباني تي پرڏيهي وزير يو شيماسا حياشي جو دل سان ٿورا مڃان ٿو، هي منهنجو جاپان ۽ خوبصورت شهر ٽوڪيو جو پهريون دورو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ جاپان پراڻا دوست آهن، پاڪستاني عوام جاپان ۽ جاپاني عوام جي لاءِ گرمجوشي ۽ محبت جا گهرا جذبا رکي ٿي، اسان ضرورت جي وقت س??ائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهيون. جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل سال اسان مسلسل اعليٰ سطحي مٽاسٽا ذريعي لاڳاپن ۾ نئين توانائي ۽ ولولو ڏٺو آهي. منهنجو آسيان علائقائي فورم جي 29 هين وزارتي اجلاس جي موقعي تي 4 آگسٽ 2022ع تي ڪمبوڊيا ۾ جاپاني هم منصب يو شيماسا حياشي سان ملڻ جو اعزاز پڻ حاصل ٿيو. اڄ اسان ملاقات س??ن پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌايو آهي. هن چيو ته جاپاني پرڏيهي وزير سان لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي ته ڪهڙي طرح ٻئي ملڪ اس??ن جي گڏيل تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪري سگهن ٿا، اسان واپار، س??ڙپڪاري، انساني وسيلن جي ترقي ۽ مٽاسٽا، آءِ ٽي، س??احت ۽ زراعت جهڙن شعبن ۾ پنهنجي گڏيل فائديمند ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان گڏيل طور تي پاڪستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ سولرائيزيشن، ڊي سيلينشن ۽ واٽر پيوريفڪيشن ۽ هائوسنگ ۽ انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي شعبن ۾ وڌيڪ اثر رکندڙ ٽارگيٽيڊ پروگرامن تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي امڪانن کي ڳولڻ تي به اتفاق ڪيو آهي. ان کانسواءِ ڌريون هنرمند افرادي قوت جي چرپر کي آسان بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ۾ جاپاني زب??ن جي لاءِ لينگئيج اسڪل اسسمنٽ ٽيسٽ ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته اس??ن جاپان ۾ نوجوان پاڪستاني هنرمند انساني وسيلن جي درآمد ۽ ??ن جي زب??ن جي تربيت کي تعاون جو هڪ اهم شعبو قرار ڏنو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۾ جاپاني ادارن جي سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن تي به غور ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جاپ??ن جي دوري دوران نجي شعبي، مقامي ميڊيا سان گڏوگڏ ٿنڪ ٽينڪس سان به ڳالهه ٻولهه ڪندس. ٻنهي ملڪن کي مثبت ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ تعاون جون وڌيڪ راهون ڳولڻ جي لاءِ هر سطح تي مصروف رهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جاپ??ن جي دوري دوران نجي شعبي جي ماڻهن سان ملاقات ڪندس. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مهمان نوازي تي جاپاني پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي پاڪست??ن جي دوري جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين جاپ??ن جو چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. هن جي جاپاني وزيراعظم سان ملاقات ٿيندي.
جاپان سان سيڙپڪاري، واپار، سياحت ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهيون ٿا: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا