اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پاڪستان سرينگر ۾ جي – 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي چين، سعودي عرب، ترڪيه، مصر ۽ اومان کي شا??دا?? لفظن ۾ ساراهيندي چيو آهي ته اهي ملڪ عالمي قانون ۽ گڏ??ل قومن جي چارٽر جي بالادستي جي لاءِ بيٺل آهن، پاڪستان گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪش??يري عوام جي انهن جي خودمختياري ج?? حق حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ جي – 20 ٽوئرازم ورڪنگ گروپ جي اجلاس جي ميزباني ڪرڻ جي ڀارتي قدم کي رد ڪندي چيو ته ڄمون ۽ ڪش??ير عالمي طور تي مڃيل تڪراري علائقو آهي، اهو تڪرار 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي، ان پس منظر ۾ ڀارت گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن، گڏ??ل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ عالمي قانون کي مڪمل طور تي نظرا??دا?? ڪندي پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ان اجلاس جي ميزباني ڪئي. ترجمان چيو ته جي – 20 اجلاس جو تڪراري علائقي ۾ منعقد ٿيڻ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي ماڻهن سان غداري آهي، گذريل 7 ڏهاڪن کان هو ان انتظار ۾ آهن ته عالمي برادري انهن جي خراب حالت تي ڌيان ڏي ۽ انسان?? حقن جي خلاف ورزين جو خاتمو ڪري. هن چيو ته مقامي آبادي کي يرغمال بڻائي ۽ انهن کي انهن ج?? حقن ۽ آزادي کان محروم ڪري سياحت ۽ ترقي کي فروغ نه ٿو ڏئي سگهجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته سرينگر ۾ جي – 20 اجلاس منعقد ڪرڻ سان ڀارت والاريل ڪش??ير ۾ پنهنجي غيرقانوني قبضي ۽ ڪش??يري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ ج?? حقيقت کي نه ٿو لڪائي سگهي. هن ڀارت پاران ڪش??ير ۾ حالتون معمول تي اچڻ جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته تلخ حقيقت اها آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير زمين تي سڀ کان وڏي فوجي علائقن مان هڪ آهي. هن چيو ته سرينگر اجلاس جي ڀرپاسي انتهائي حفاظتي قدم، وڏي پئماني تي گرفتاريون ۽ مقامي آبادي کي هراسان ڪرڻ نئين آبادياتي علائقي ۾ معمول جي حالتن جي دعوائن جي ترديد ڪن ٿا. ترجمان چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ حالتن کي معمول تي آڻڻ جي پٺيان لڪائڻ ۾ واضح طور تي ناڪام رهيو آهي، جيڪو سرينگر اجلاس ۾ هيٺئين سطح جي نمائندگي ۽ ڪيترن اهم نمائندن جي غيرموجودگي مان ظاهر ٿئي ٿو. هن سرينگر اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي عوامي جمهوريه چين، سعودي عرب، جمهوريه ترڪيه، عرب جمهوريه مصر ۽ سلطنت اومان کي ساراهيندي چيو ته اهي ملڪ عالمي قانون ۽ گڏ??ل قومن جي چارٽر جي بالادستي جي لاءِ بيٺل آهن. ترجمان واضح ڪيو ته جي – 20 جو قيام بنيادي طور تي عالمي مالياتي ۽ اقتصادي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪيو ويو هو، ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ علائقي ۾ ان اجلاس کي منعقد ڪري هڪ ٻئي عالمي فورم تي سياست ڪئي آهي ۽ هو پنهنجي مفاداتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ موجوده چيئر جي حيثيت سان پنهنجي حيثيت جو ??اج??ئز فائدو کڻي رهيو آهي. هن چيو ته ان بدران ڀارت کي عالمي ميڊيا ۽ آزاد انسان?? حقن جي تنظيمن کي پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي صورتحال تي رپورٽ ڪرڻ جي لاءِ گهرائي بنا روڪ ٽوڪ جي پهچ فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ اتي جاري ڏاڍ جو خاتمو ڪرڻ سان گڏ??گڏ گڏ??ل قومن جي ڪميشن آف انڪوائري جي قيام سان اتفاق ڪرڻ گهرجي ۽ ڪش??ير جي ماڻهن جي لاءِ گڏ??ل قومن جي نگراني هيٺ ريفرنڊم ڪرائڻ گهرجي ته جيئن اهي پنهنجي مستقبل جو پاڻ تعين ڪري سگهن. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪش??يري عوام جي انهن جي خودمختياري ج?? حق حاصل ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته 22 مئي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪيو، هو آزاد ڄمون ۽ ڪش??ير جي قانونساز اسيمبلي کي خطاب ڪندڙ پاڪستان جو پهريون پرڏيهي وزير آهي. ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير پنهنجي خطاب ۾ ڪش??يري عوام جي همت کي سلام پيش ڪيو ۽ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. هن لائين آف ڪنٽرول ويجهو رهندڙ آبادي سان مخلصاڻي همدردي جو اظهار ۽ ڪش??يري عوام سان پاڪستان جي پراڻي ڳانڍاپي ۽ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان پاران سرينگر ۾ جي – 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي چين، سعودي عرب، ترڪيه، مصر ۽ اومان جي شاندار لفظن ۾ ساراهه
مضمون کا ماخذ : پاور بال