اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي (ن??ڪا) جي نئين سر بحالي، سڌارن ۽ ان جي صلاحيت ۾ اضافي جو و??و فيصلو ڪندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي سربراهي ۾ بين الوزارتي اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ توانائي جي بچت لاءِ قدمن تي جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم ن??ڪا جي ڪارڪردگي ۽ ان ۾ موجود خامين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ وسيلن جو تمام گهڻو زيان ٿي رهيو آهي ۽ ادارا بند پيا آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ن??ڪا کي فوري طور تي فعال بڻائڻ جي لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي قدم کڻي ۽ ن??ڪا جي افرادي قوت ۾ اضافو ڪن??ي شفافيت جي رخ کي مٿانهون رکيو و??ي. وزيراعظم ن??ڪا جي ماهرن جي تعميراتي، صنعتي، مواصلات، پاور ۽ زراعت جي شعبي ۾ توانائي جي ڀرپور بچت جي لاءِ وزارتن کي حڪمت عملي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي نيشنل انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن اٿارٽي (ن??ڪا) جي موجوده صلاحيت ۽ ان جي مينڊيٽ جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ن??ڪا جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ڪي خاطرخواهه قدم نه کنيا ويا. اجلاس کي ن??ڪا جي بجيٽ جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته قومي نيشنل انرجي ايفيشينسي اينڊ ڪنزرويشن پاليسي جو مسودو تمام جلد ڪابينا اجلاس ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم ن??ڪا جي سڌارن جي حوالي سان ٺوس منصوبابندي ڪري ضروري قدمن جو وقت مقرر ڪرڻ ۽ انهن قدمن کي مقرر مدي ۾ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خرم دستگير خان، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاونين جهانزيب خان، سيد فهد حسين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
وزيراعظم پاران نيڪا جي نئين سر بحالي، سڌارن ۽ صلاحيت ۾ اضافي جو وڏو فيصلو، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي سربراهي ۾ بين الوزارتي اسٽيئرنگ ڪميٽي قائم
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado