شرم الشيخ- 11 نومبر (اي پي پي) م??حو??ياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان مستقبل ۾ م??حو??ياتي تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس اتحاد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان محفوظ رکڻ لاءِ ٺوس بنيادن تي ڪم ڪرڻ ج?? ضرورت آهي. ڪوپ – 27 جي فورم تي گڏيل قومن جي ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ آبهوا جي تبديلي جي حوالي سان تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته م??حو??ياتي تباهين جي سونامي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس اتحاد ج?? ضرورت آهي، ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ م??حو??ياتي تبديلين بابت واقعن ۾ شديد اضافو ٿي رهيو آهي، اهو اسان جي لاءِ انتهائ?? ضروري موافقت جو دور آهي. شيري رحمان چيو ته ان ڳالهه جو فڪر آهي ته اسان پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان ڪيئن محفوظ رکنداسين، اسان آبهوا جي دٻاءُ جي گرائونڊ زيرو تي آهيون. هن چيو ته دي ليونگ انڊس اهڙن منصوبن ۾ شامل آهي جيڪي ڪاربان کي گهٽ ڪندا آهن، ان منصوبي جي مقصدن ۾ م??حو??ياتي نظام جي بحالي، درياجو تحفظ ۽ لچڪيدار مستقبل شامل آهن. هن چيو ته ڪوپ – 27 پبلڪ ۽ پرائيويٽ فنانسنگ جي نظام کي جوڙڻ گهرجي ڇو ته اسان کي مستقبل ۾ م??حو??ياتي تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائميٽ فائنانس ج?? ضرورت پوندي.
اسان کي پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتحال کان محفوظ رکڻ لاءِ ٺوس بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي: سينيٽر شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز