ڪراچي- 11 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي ??طلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ??مدادي سرگرميون جاري آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 26500 خاندانن کي را??ن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي پريس بيان ۾ چيو آهي ته قمبر شهدادڪوٽ ۾ 1000 خاندانن ۾ را??ن بيگس ورهايا ويا. اهڙي طرح دادو ۾ 2000، حيدرآباد ۾ 7000، مٽياري 500، سجاول 1000، لاڙڪاڻو 5000، شڪارپور 800، سکر 3500، سانگهڙ 2200 ۽ ميرپورخاص ۾ 1500 خاندانن کي را??ن بيگس فراهم ڪيا ويا. مجموعي طور تي 1528134 خاندانن ۾ را??ن بيگس تقسيم ڪيا ويا آهن. صوبائي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن جي ??پورٽ موجب وڌيڪ 1500 خيما ۽ ٻيو سامان ورهايو ويو آهي. هاڻي تائين متاثرن کي 603719 خيما، 535317 پلاسٽڪ ترپال، 3140186 مڇرد??ني??ن، 800733 ليٽر منرل واٽر، 118123 تيار ٿيل کاڌي جو سامان ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو. صوبائي وزير چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 8628 متاثر ريليف ڪيمپن مان پنھنجي گھرن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن، جڏهن ته ھن وقت 265039 متاثر ريليف ڪئمپن ۾ ترسيل آهن. جن ۾ 76721 ٻار ۽ 59915 عورتون شامل آهن، جن کي ٻن وقتن جو تيار ٿيل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ??يو?? پيون وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تازين برساتن جي ??باهڪارين سبب 779 قيمتي حيا??يو?? ضايع ٿيون آهن، 8422 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته گڊو بيراج تي پاڻي جي ??مد 59300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 49900 ڪيوسڪ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، سکر بيراج تي پاڻي جي ??مد 47500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 37000 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي ??مد 86200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 57500 ڪيوسڪ آهي.
گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 26500 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن: شرجيل انعام ميمڻ
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج