گڏيل قومون – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ف??سط??ني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ اس??ائ??لي قبضي جي خلاف جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت کي ورجائيندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو خودمختيار ف??سط??ني رياست قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪري جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، عالمي برادري کي مصيبت ۾ ورتل ف??سط??نين جي حفاظت ڪرڻ گهرجي ۽ شهري آبادي جي خلاف اس??ائ??لي ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن او آءِ سي جي ف??سط??ن بابت ڇهه رڪني ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. او آءِ سي جي ف??سط??ن بابت ڪميٽي ۾ پاڪستان، سينيگال، ملائيشيا ۽ گني جي پرڏيهي وزيرن کانسواءِ او آءِ سي جو سيڪريٽري جنرل ۽ ف??سط??ني اٿارٽي جو اعليٰ سفارتڪار ان جي ڇهين ميمبر طور شامل آهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته والاريل ف??سط??ن ۾ اس??ائ??لي قبضي ۽ ظلم پوري وچ اوڀر ۾ عدم استحڪام، ڇڪتاڻ ۽ تڪرارن جو بنيادي سبب آهن. هن چيو ته وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام آڻڻ جي لاءِ ڪشمير مسئلي کي جيڪو خطي ۾ عدم تحفظ ۽ انجي ڪيترن ئي تڪرارن جو جز آهي موثر طريقي سان پهرين ۽ فوري ترجيح طور حل ڪرڻ گهرجي. هن اس??ائ??ل پاران ف??سط??ني شهرين بشمول ٻارن جي مسلسل قتل ۽ زخمي ڪرڻ، مقدس جاين جي تقدس جي خلاف ورزي، ف??سط??نين جي گهرن کي مسمار ڪرڻ ۽ ف??سط??ني خاندانن جي زبردستي لڏپلاڻ ۽ ف??سط??ني صحافي شيرين ابو عقيله جي بي رحماڻي قتل جي شديد مذمت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جاري رتوڇاڻ کي روڪڻ ۽ والاريل علائقن ۾ ف??سط??ني عوام جي انساني وقار ۽ انساني حقن جي بحالي لاءِ ڪنهن به قدم ۾ ٻين ميمبر ملڪن سان هٿ ملائڻ جي لاءِ تيار آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ف??سط??ني عوام جي خلاف جاري جارحيت کي روڪڻ جي لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن. عالمي برادري کي مصيبت ۾ ورتل ف??سط??نين جي حفاظت ڪرڻ گهرجي ۽ شهري ابادي جي خلاف اس??ائ??لي ظلمن کي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته جارحيت ڪندڙ اس??ائ??ل ۽ مظلوم ف??سط??نين جي وچ ۾ غلط برابري پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ناقابل معافي آهن، مسلمان امت جي گڏيل آواز طور او آءِ سي کي ان فريبي تاثر کي ختم ڪرڻ جي لاءِ متحد ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي. اس??ائ??ل پاران بشمول چوٿين جنيوا ۽ ٻين انساني حقن جي ڪنوينشنز ۽ عالمي قانون جي خلاف ورزي جي خلاف انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ مناسب احتسابي طريقيڪار بڻائڻ گهرجي. هڪ خودمختيار ۽ قابل عمل ف??سط??ني رياست جو قيام، 1967ع کان اڳ جي مڃيل حدن ۾ القدس الشريف جي گادي واري شهر طور تي ف??سط??ن اس??ائ??ل تڪرار جو واحد آ??ي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ امن عمل ضروري آهي. هن ف??سط??ني عوام جي جائز حقن خاص طور تي انهن جي مڃيل خودمختياري حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پاڪستان جي مستقل حمايت کي ورجايو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ اسرائيلي قبضي جي خلاف جدوجهد جي لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن