اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف کي ٻڌايو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ بجلي جا اهي سمورا 406 متاثر فيڊرز ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحال ٿي ويندا جتان ٻوڏ وارو پاڻي لهي چڪو آهي، ا??ڊس هاءِ وي اين – 55 جي ڪجهه علائقن ۾ اڃا تائين ٻوڏ وارو پاڻي بيٺل آهي باقي سمورا وڏا رستا ٽريفڪ جي لاءِ مڪمل طور تي بحال ڪيا ويا آهن. وزي??اع??م ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ امداد ۽ بحالي جي موجوده صورتحال تي جائزه اجلاس ٿيو. وزي??اع??م کي متاثر علائقن ۾ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي، خاص طور تي بجلي، پيٽرول ۽ مواصلات جي نظام جي بحالي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي، بجلي واري وزارت جي سيڪريٽري وزي??اع??م کي ٻڌايو ته سندس هدايت موجب وزارت جا سمورا آفيسر فيلڊ ۾ موجود آهن ۽ ٻوڏ جي ڪري بجلي جي فراهمي ۾ ايندڙ تعطل کي بحال ڪرڻ جي ڪوششن جي ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيا آهن. وزي??اع??م کي ٻڌايو ويو ته سڄي ملڪ ۾ 07 کانسواءِ بجلي جا اهي سمورا 406 متاثر فيڊرز ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحال ٿي ويندا جتان ٻوڏ وارو پاڻي لهي چڪو آهي. انهن فيڊرز ۾ 04 پنجاب، 22 خيبرپختونخواهه، 90 سنڌ ۽ 20 بلوچستان ۾ آهن. اين ايڇ اي جي چيئرمين وزي??اع??م کي ٻڌايو ته ا??ڊس هاءِ وي اين – 55 جا ڪجهه علائقا جتي اڃا تائين ٻوڏ وارو پاڻي بيٺل آهي کانسواءِ سمورا وڏا رستا جن ۾ اين – 5 جي ٽي روڊ ۽ اين – 65 سکر کان ڪوئيٽا روڊ شامل آهن ٽريفڪ جي لاءِ مڪمل طور تي بحال ڪيا ويا آهن. وزي??اع??م کي ??ڌي?? ٻڌايو ويو ته اين ايڇ اي جون ٽيمون فيلڊ ۾ موجود آهن ۽ برساتن ۽ ٻوڏ واري پاڻي جي ڪري رستن تي پيل گهاري ڀرڻ جو ڪم وڏي تيزي سان جاري رکيو آهي. پي ٽي اي چيئرمين وزي??اع??م کي ٻڌايو ته ملڪ جي س??ور??ن 51733 موبائيل ڪميونيڪشن سائيٽس مان رڳو 648 سائيٽس ٻوڏ واري پاڻي جي بيهڻ جي ڪري هيستائين بحال ناهن ٿي سگهيون، جيڪي انشاءَ الله ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ بحال ٿي وينديون. وزي??اع??م ريليف ۽ ريسڪيو ۾ س??ور?? ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ انهن کي آفت سٽيل علائقن ۾ رهندڙ هم وطنن جي مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ ۾ ??ڌي?? محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ ۾ ٻوڏ جي تباهين ۽ امداد ۽ بحالي جي موجوده صورتحال تي اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ