راولپنڊي- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه خميس ڏينهن ڊي آءِ خان ۽ روجهان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، آرمي چ??ف متاثرن کي خاطري ڪرائي ت?? مشڪل جي هن وقت ۾ ٻوڏ متاثرن جي مسئلن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج مدد ڪندي رهندي. آءِ ايس پي آر مطابق روجهان دوري جي موقعي ت?? آرمي چ??ف پاڪ فوج جي زميني جٿن کي هدايتون ڏنيون ته هو پنهنجون ذميواريون ع??يم مقصد سمجهي ادا ڪن ۽ ٻوڏ متاثرن جي ڏکيائين کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏين. بعد ۾ آرمي چ??ف ڊي آءِ خان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو. ٻوڏ متاثرن سان ڳالهائيندي آرمي چ??ف کين تسلي ڏني ۽ هن قدرتي آفت دوران مقامي رهائيشن جي همت جي تعريف ڪئي. آرمي چ??ف، ايف سي ڏکڻ خيبرپختونخواهه جي جٿن کي هدايتون ڪيون ته هو ضرورت جي هن گهڙيءَ ۾ خيبرپختونخواهه جي بهادر ماڻهن جي وقت سر مدد کي يقيني بنائين.
مشڪل جي هن وقت ۾ ٻوڏ متاثرن جا مسئلا گهٽ ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج مدد ڪندي رهندي: آرمي چيف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد