اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ عوام کي بجلي ف??اهمي ۾ ريليف ڏيڻ جي لاءِ مهانگي درآمدي تيل بدران سج جي روشني سان بجلي پيدا ڪرڻ جي فيصلي تي عملدرآمد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم عوام کي بجلي جي معاملي تي ريليف ڏيڻ جو وڏو فيصلو ڪيو آهي. ??زي??اعظم ٻاهرئين ملڪ مان مهانگو تيل گهرائي بجلي ٺاهڻ بدران سج جي روشني مان بجلي پيدا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ??زي??اعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت جي لاءِ وڏو ۽ بنيادي قدم کنيو آهي، جنهن سان پاڪستان اربين ڊالرن جي بچت ڪري سگهندو. منصوبي تحت مهانگي درآمدي ٻارڻ (ڊيزل ۽ فرنس آئل) جي جڳهه ??ي سولر پاور مان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي، پهرين مرحلي ۾ سرڪاري عمارتن، بجلي ۽ ڊيزل سان هلندڙ ٽيوب ويلز ۽ گهٽ يونٽس استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي سج جي روشني سان پيدا ٿيندڙ بجلي ڏني ويندي. ??زي??اعظم سولر پاور پلانٽ جي جلد تعمير جي به هدايت ڪئي آهي. گر??ين جي ايندڙ موسم شروع ٿيڻ تائين عوام کي بجلي جي ف??اهمي ۾ خاطرخواهه ??يليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ??زي??اعظم لاڳاپيل ادارن کي منصوبي تي هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ??زي??اعظم ايندڙ هفتي سڀني لاڳاپيل ماڻهن جي واڪ کان اڳ پري بڊ ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي آهي.
وزيراعظم سج جي روشني مان بجلي پيدا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ