حيدرآباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) مهرا?? يونيورسٽي آف انجن??ئر??گ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران ڀارت پاران مظلوم ڪش??يرين تي جاري استحصال ۽ گهيراءُ جي خلاف سيمينار منعقد ڪيو ويو. سيمينار کي خطاب ڪندي مهرا?? يونيورسٽي جي رجسٽرار لڇمڻ داس سوٽهڙ چيو ته ڪش??ير جي اصل رهواسين جي حقن جي خلاف ڪيل قانونسازي انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي، ڀارت مظلوم ڪش??يرين جو استحصال ۽ گهيراءُ ختم ڪري. شاگردن جي معاملن واري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر تنوير حسين ڦلپوٽو چيو ته ڪش??يري ويجهي ماضي جي تاريخ جا سڀ کان وڏا مظلوم آهن، ڀارت ڪش??يرين جي حقيقي آزادي کسي انهن جي بنيادي حقن تي ڌاڙو هنيو آهي، ڪاري قانون تحت ڪش??ير جي اصل رهواسين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿي ٿي سگهي، ڀارت جي ان عمل کي رد ڪريون ٿا. ان موقعي تي سيمينار کي اسٽوڊنٽس افيئرز جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شعيب شيخ، اليڪٽريڪل انجن??ئر??گ جي شاگرد وقاص ماڪا، بي ايس انگلش جي شاگردياڻي پرهه ۽ ميڪا ٽرانڪس انجن??ئر??گ جي حماد راجپوت ڪش??ير جي موضوع تي تقريرون ڪندي چيو ته پاڪستان جو هر ٻار ڪش??ير جي آزادي لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ڪش??ير پاڪستان جي شهه رڳ آهي جلد ان تان ڀارت جو باضابطا قبضو ختم ڪرايو ويندو.
مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران ڀارت پاران مظلوم ڪشميرين تي جاري استحصال ۽ گهيراءُ جي خلاف سيمينار منعقد
مضمون کا ماخذ : میٹھا بونانزا